وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي انگلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
انگلينڊ 135 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ٺاهي سٺي شروعات ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون، جيڪو وومينز ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
ڊيني وائيٽ هوج 105 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪپتان نيٽالي اسڪور برانٽ 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ايمي جونز 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
سريلنڪن ٽيم هدف جي تعاقب ۾ 132 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. نيلڪشيڪا سلوا 39 رنسون ۽ هرشيتا سماراواڪرما 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
انگلينڊ طرفان فرييا ڪيمپ 4، چارلي ڊين ۽ سوفي ايڪلسٽن 2، 2 جڏهن ته لورين بيل ۽ لينسي سمٿ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور جو رڪارڊ 2023 ۾ پاڪستان خلاف انگلينڊ وٽ هو.
وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کان سواءِ هن وقت تائين ڪنهن به ٽيم 200 جو انگ پار ناهي ڪيو.


