ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيمن جي سالياني رينڪنگ جاري آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آءِ سي سي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيمن جي سالياني رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل رينڪنگ موجب مردن جي ٽيم ۾ ڀارت ۽ عورتن جي ٽيم ۾ آسٽريليا اڃا تائين پهرين نمبر تي آهي.

مردن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي برتري 13 پوائنٽس تي اچي وئي آهي. انگلينڊ ٻئي ۽ آسٽريليا ٽئين نمبر تي آهي.

نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز بالترتيب چوٿين کان ستين پوزيشن تي قابض آهن.

بنگلاديش اٺين پوزيشن تي برقرار آهي جڏهن ته سريلنڪا ريليگيشن کانپوءِ نائين نمبر تي اچي ويو آهي. افغانستان ڏهين نمبر تي آهي.

عورتن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ ٻئين ۽ ڀارت ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان جي وومين ٽيم اٺين نمبر تي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment