سون جي قيمت ۾ گهٽتائي، في تولو ڪيترو ٿي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 49 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 788 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي. سون جو في تولو اگهه به 4900 رپين جي گهٽتائي سان 5 لک 01 هزار 162 رپين جي سطح تي اچي ويو، جڏهن ته في 10 گرام سون جو اگهه 4201 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 29 هزار 665 رپين جي سطح تي اچي ويو. چاندي جو في تولو اگهه 145 رپيا گهٽتائي سان 8 هزار 417 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 124 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 216 رپيا ٿي وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment