ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ پوليس مقابلو، 2 جوابدارن سميت 5 ڏوهاري گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ پوليس ٻن مختلف ڪاررواين دوران مبينا مقابلي ۾ 2 زخمين سميت 5 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هٿيار، موبائل فون ۽ نقدي پڻ هٿ ڪئي وئي.

سرجاني ٽائون پوليس موجب محمد علي گوڙ واري علائقي ۾ مبينا مقابلي دوران 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

زخمي جوابدار کي رياض عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي گرفتار جوابدار کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان هڪ پستول، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پردي پوليس جناح گرائونڊ ويجهو مبينا مقابلي دوران 3 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو، جن مان هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

زخمي جوابدار کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ شڪيل طور ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment