آئرش فٽبالرز ۽ مشهور شخصيتن اسرائيل خلاف ميچن جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اڳوڻي ۽ موجوده آئرش فٽبالرز سميت ڪيترن ئي اهم شخصيتن، اسرائيل جي خلاف فٽبال ميچن جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق، فٽبالرز، موسيقار ۽ سماجي شخصيتن آئرلينڊ جي فٽبال ايسوسيئيشن تي زور ڏنو آهي ته “آئرش اسپورٽ فار فلسطين” جي مهم جي حصي طور اسرائيل جي خلاف يوفا نشن ليگ ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري. مهم ۾ شامل شخصيتن جو موقف آهي ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ انساني حقن جي صورتحال سبب اسرائيل سان راندين جا لاڳاپا ختم ڪيا وڃن. مهم جي حمايت ڪندڙن ۾ اڳوڻي آئرش فٽبال ڪوچ برائن ڪيئر، اڳوڻي انٽرنيشنل فٽبالر لوئس ڪوئن ۽ ڪيترن ئي ليگ جا رانديگر شامل آهن، جڏهن ته آئرش ميوزڪين ۽ مشهور بينڊ پڻ ڪال جي حمايت ڪئي آهي. ٻئي طرف آئرش فٽبال ايسوسيئيشن واضح ڪيو آهي ته هو يوفا جي ضابطن ۽ عالمي ذميوارين تحت ميچ کيڏڻ جي پابند آهي. ياد رهي ته غزه جنگ کانپوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسرائيل خلاف راندين جي بائيڪاٽ جو آواز بلند ٿي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي تنظيمون اسرائيل خلاف ميچون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment