سنڌ حڪومت صوبائي اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائڻ، سنڌ يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪرڻ ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
راندين واري وزير چيو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ ذريعي 30 ضلعن ۾ 15 کان 29 سالن جي عمر جي 100,000 نوجوانن کي مختلف سهولتون، تعليمي اسڪالر، بي سود قرض، مالي مدد، عالمي معيار جي مهارتن جي تربيت ۽ سفري سهولتن ۾ رعايتون ڏنيون وينديون.
سردار محمد بخش مهر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ يوٿ ڪارڊ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اسپورٽس پاليسي راندين جي فروغ، رانديگرن جي ڀلائي ۽ راندين جي انفراسٽرڪچر جي توسيع کي يقيني بڻائيندي.
هن چيو ته راندين جي تنظيمن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار سان تعليمي ادارن ۾ راندين جي سرگرمين کي ٻيهر فعال ڪيو ويندو، 18هين آئيني ترميم کانپوءِ راندين کي صوبائي موضوع آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت جامع اسپورٽس پاليسي تيار ڪري رهي آهي.
راندين واري وزير چيو ته سنڌ اسپورٽس پاليسي کي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ان تي عمل ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري اسپورٽس منور مهيسر، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر اسلم مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر حبيب الله ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.


