ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي جي صارفين کي 63 ارب 94 ڪروڙ رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان آهي. ڊسڪوز ڪئلينڊر سال 2026 جي پهرئين ٽه ماهي لاءِ ايڊجسٽمينٽ لاءِ نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 19 مئي تي ٿيندي، درخواست موجب جنوري کان مارچ تائين ڪيپيسيٽي چارجز جي مد ۾ 36 ارب 83 ڪروڙ 70 لک رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي. ڊسڪوز درخواست ۾ چيو آهي ته سسٽم يوز چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشن فيس جي مد ۾ 11 ارب 24 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، انڪريمينٽل يونٽن جي مد ۾ 23 ارب 51 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي جي درخواست آهي. صارفين کي رليف ڏيڻ جو حتمي فيصلو نيپرا جي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو.
Source link

ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي جي صارفين کي اربين رپين جو رليف ملڻ جو امڪان آهي
Leave a Comment Leave a Comment

