پنجاب حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ خرچن ۾ واڌ بابت وڏو فيصلو ڪندي ڊولپمينٽ اٿارٽيز، پي ايڇ اي، واسا ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجا ذخيرا صوبائي حڪومت ڏانهن منتقل ڪن. سمورن ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پگهارون، پينشن ۽ هنگامي خرچن کانسواءِ سمورا فنڊ پنجاب حڪومت ڏانهن منتقل ڪن. ان اقدام جو بنيادي سبب پنجاب حڪومت پاران ٽرانسپورٽ سميت ٻين مسئلن تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ، عوامي ڀلائي لاءِ مختلف خرچ ڪرڻ ۽ مقرر ڪيل روينيو جو هدف حاصل نه ڪرڻ آهي. پنجاب حڪومت مٿين ادارن کان بقايا قرضن جي واپسي جو شيڊول به طلب ڪري ورتو آهي. اهڙو فيصلو لاهور ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد زمان اختر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمورن ادارن جو مالياتي نظم و ضبط سخت ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ۽ غير ضروري خرچن کي ختم ڪري وسيلن جي بچت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
Source link

پنجاب حڪومت جو عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ وڌائڻ جو وڏو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

