سنڌ ۾ برسات جا امڪان، ڪراچي ۾ موسم ڪيئن رهندي؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب اڄ ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊي الله يار، ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اڄ ۽ سڀاڻي جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، سکر، ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ دادو ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي موسم نسبتاً گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment