اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران رينجرز اهلڪارن کي ڪچلڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي جوابدار هاشم عباسي جي ميڊيڪل بورڊ جي طلب ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس هلي سگهي ٿو، ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪيو وڃي.
عدالتي ڪارروائي دوران ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ هينئر تائين 5 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدار خلاف رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.


