آمريڪا ايران جي شهرن تبريز ۽ شهرراز تي هوائي حملا ڪيا جنهن بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي.
ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي فارس نيوز موجب ايران جي چوٿين وڏي شهر تبريز ۾ آمريڪي هوائي حملي ۾ ايراني فوجي آفيسر مهداد پاشاي شهيد ٿي ويو.
بهرحال، ايراني اهلڪارن فوري طور تي حملي جي وڌيڪ تفصيل يا آفيسر جي پوزيشن کي جاري نه ڪيو.
ٻئي طرف ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري IRIB جو چوڻ آهي ته فارس صوبي جي ڊپٽي گورنر تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي جهازن شيراز شهر جي هڪ علائقي کي نشانو بڻايو.
ايراني اهلڪار موجب حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي پر حملي جي هدف بابت وڌيڪ ڄاڻ نه ڏني وئي.
رائٽرز موجب، يو ايس سينٽرل ڪمانڊ اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي فوجي صلاحيتن کي نقصان پهچائڻ لاء حملن جو هڪ نئون مرحلو شروع ڪيو آهي، جيڪو هرمز جي سامونڊي ڪناري ۾ واپارين جي جهازن کي خطرو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن جن ۾ تبريز، چابهار، ڪنارڪ، بندر مهشهر ۽ بندر امام خميني شامل آهن.
آمريڪي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي جنگبندي لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ خطي ۾ نئين سر فوجي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
ايران ان کان اڳ بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي مفادن ۽ فوجي تنصيبات تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪا ايران جي ميزائل مرڪزن، فضائي دفاعي نظام، ساحلي تنصيبات ۽ فوجي مواصلاتي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائيندو رهيو آهي.
اهڙي طرح ايران جي سرڪاري براڊڪاسٽر IRIB موجب آمريڪا مرڪزي صوبي جي خمين شهر جي ڀر ۾ واقع صنعتي يونٽ تي حملو ڪيو آهي.
سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن لاءِ مرڪزي صوبي جي ڊپٽي گورنر چيو ته حملو شام 7 وڳي ٿيو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ايران جي حملي ۾ هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو ته کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.


