سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلو، ڊيويڊنڊ آمدني تي 35 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪرڻ جو ايف بي آر جو موقف رد.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

سپريم ڪورٽ ٽيڪس تڪرار تي اهم فيصلو ڏئي ڇڏيو، ڊيويڊنڊ آمدني تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ واري موقف کي رد ڪندي عدالت فيصلو ڪمپنين جي حق ۾ ۽ ايف بي آر جي خلاف رکيو.

ايڪسپريس نيوز موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو آهي ۽ ايف بي آر جون سموريون سول درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ايف بي آر کي اپيل جي اجازت به نه ملي سگهي آهي.

فيصلو چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي لکيو.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته سيڪشن 5 رڳو ڊيويڊنڊ آمدني تي لاڳو ٿيندو، سيڪشن 39 نه، 10 سيڪڙو ٽيڪس آئيني ۽ حتمي ٽيڪس جي ذميواري آهي، ايف بي آر ڪمپنين کان 35 سيڪڙو ڪارپوريٽ ٽيڪس وصول ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته ڪمپنين جو موقف هو ته ڊيويڊنڊ آمدني تي رڳو 10 سيڪڙو فائنل ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو.

سپريم ڪورٽ چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 5 ۽ سيڪشن 39 جي تشريح تي تڪرار هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي هئي ۽ ايف بي آر هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

سپريم ڪورٽ ايف بي آر جو موقف قانوني طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيويڊنڊ الڳ ٽيڪس بلاڪ آهي، ان کي عام آمدني نٿو سمجهي سگهجي.

عدالت ايف بي آر جي 35 سيڪڙو نارمل ڪارپوريٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ايف بي آر جون سموريون اپيلون ميرٽ کان عاري قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رڳو ڊيويڊنڊز تي اسپيشل ٽيڪس جو نظام برقرار رهندو.

ياد رهي ته سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپني، فوجي فائونڊيشن، فوجي فرٽيلائيزر، ڪيپ گيس ۽ ٻين ڪمپنين ايف بي آر جي فيصلي خلاف عدالت سان رجوع ڪيو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment