اسلام آباد:
صدر آصف علي زرداري پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن (تبديلي) (رپيل) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ان منظوري کانپوءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪمپني لميٽيڊ (PIACL) جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن.
ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب صدر بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري لاءِ ضروري قانوني قدم مڪمل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ طرفان بل منظور ڪيو ويو.
رڪارڊ موجب پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن (تبديلي) (رپيل) بل 2026 10 جون 2026 تي سينيٽ مان پاس ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي ان کي 11 جون 2026 تي پاس ڪيو.
صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل باضابطه قانون بڻجي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن.


