پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي ۽ معاهدي جي اعلان کانپوءِ عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب برينٽ کروڊ، جنهن کي دنيا جو معياري تيل سمجهيو ويندو آهي، 3.8 سيڪڙو گهٽتائي سان 84.02 ڊالر في بيرل جڏهن ته آمريڪي خام تيل 4.1 سيڪڙو گهٽتائي سان 81.40 ڊالر في بيرل تي واپار ڪيو.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ان معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندي.
هن چيو ته پاڪستان ان ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سفارتي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تيل جي ترسيل ٻيهر شروع ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ هاڪاري ردعمل سامهون آيو.


