پيٽرول کانپوءِ هڪ ٻي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
آگرا هوائي جهازن جي جيٽ ايندھن جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي.
حڪومت جيٽ فيول جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جيٽ فيول جي نئين قيمت 251 رپيا 2 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ سبب جيٽ فيول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
ياد رهي ته گذريل رات حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو هو.
توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پاڪستان ايندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي آهي، جنهن جو اطلاق ايندڙ هفتي لاءِ 11 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپيا 18 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في ليٽر قيمت 297 53 پئسا مان وڌي 310 71 پئسا ٿي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 13 رپيا 80 پيسا واڌ کانپوءِ 309 رپيا 50 پيسا مان وڌائي 323 رپيا 30 پيسا ٿي وئي آهي.


