سون جا اگهه هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ ٻيهر وڌي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ ٻيهر واڌ ٿي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ جمعي ڏينهن سون جي في اونس قيمت ۾ 30 ڊالرن جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سون جو نئون عالمي اگهه 4 هزار 753 ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو.

عالمي مارڪيٽ ۾ 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 3 هزار رپيا واڌ سان 4 لک 97 هزار 662 رپيا جڏهن ته في 10 گرام سون جو اگهه 2 هزار 572 رپيا وڌي 4 لک 26 هزار 664 رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 130 رپيا وڌي 8 هزار 144 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه به 111 رپيا وڌي 6 هزار 870 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment