اسلام آباد:
وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي عارضي درآمد، مختلف وزارتن لاءِ فنڊز ۽ گوادر مان گدي جو گوشت ۽ چمڙي جي برآمد جي منظوري ڏني.
ايڪسپريس نيوز موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو.
ناڻي واري وزارت موجب اي سي سي اجلاس ۾ پي آءِ اي جي واجب الادا 5 ارب 98 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، پينشن، پگهارن ۽ طبي ادائيگين لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا.
ناڻي واري وزارت موجب گوادر مان گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي عارضي درآمد، گدي جي گوشت ۽ لڪ جي برآمد جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پاور ڪمپنين سان معاهدي جو معاملو وڌيڪ غور لاءِ موڪليو ويو.
اي سي سي جبري پورهئي مان تيار ڪيل سامان جي درآمد تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان ۾ آفيسرن لاءِ 31.1 ملين رپيا، نيب جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن لاءِ 37.2 ملين رپيا ۽ قومي هاڪي ٽيم لاءِ 3 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
اجلاس ۾ اي سي سي کي مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام اچڻ شروع ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ قيمتن جي استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽماٽو، پياز، اٽو، لہسن ۽ ايل پي جي سستي ٿي وئي آهي، کنڊ جو اگهه به گهٽجي رهيو آهي، انڊا، ڪڪڙ، دال، گيهه ۽ کير جي قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، حساس قيمتن جي اشاري ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
اجلاس دوران استعمال ٿيل گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي عارضي درآمد ۽ ٻيهر برآمد لاءِ هڪ سال جي پائلٽ پروجيڪٽ جي به منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ گوادر مان گدي جي گوشت ۽ لڪ جي برآمد بابت موجود اسٽاڪ کي ضابطن موجب وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين سان پبلڪ سروس اوبليگيشن معاهدي جو معاملو وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.


