وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي سولر پينلز جي قيمتن ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته مختلف گنجائشن جي سولر پينلز جي قيمتن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
رپورٽن مطابق بجيٽ کان اڳ مارڪيٽ ۾ سولر پينلز جي قيمتن ۾ هن اوچتي واڌ سان صارفين ۽ انهن ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي جيڪي شمسي توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا.
مارڪيٽ ذريعن موجب سولر پينل جي في پليٽ جي قيمت ۾ 7 هزار کان 9 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 585 واٽ جو سولر پينل جيڪو اڳ 18 هزار رپين ۾ ملندو هو هاڻي 27 هزار رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.
اهڙي طرح 645 واٽ جي سولر پينل جي قيمت 22 هزار رپين مان وڌي 31 هزار 200 رپيا جڏهن ته 720 واٽ واري پينل جي قيمت 25 هزار کان وڌي 33 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي طرف مارڪيٽ سان لاڳاپيل حلقن جو چوڻ آهي ته نه رڳو سولر پينل پر انٽرن جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.


