هلندڙ سال فيبروري کان اپريل تائين ملڪ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون.
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ڪمپني جي رجسٽريشن جي ڊيٽا جاري ڪئي آهي جنهن موجب فيبروري ۽ اپريل جي وچ ۾ 10,511 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 8,693 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو ته اپريل ۾ 4 هزار 82 ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، 22 کان وڌيڪ ملڪن جي سيڙپڪارن به پاڪستان ۾ ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون، پرڏيهي سيڙپڪارن جي ڪمپنين جي مجموعي سرمائي ۾ 218 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
بيان ۾ اهو به چيو ويو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڪل ادا ڪيل سرمايو 882 ملين رپيا هو، جڏهن ته گذريل سال پرڏيهي سيڙپڪارن جو ادا ڪيل سرمايو 277 ملين رپيا هو.
ايس اي سي پي موجب پاڪستان ۾ واپار، سروسز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعميرات ۽ معدنيات ۾ رجسٽر ٿيل ڪمپنين جي ريگيوليٽري تعميل ۾ 61 سيڪڙو اضافو ٿيو.
اهڙي طرح ٽن مهينن ۾ 61 هزار 960 ڪمپنين پنهنجا ساليانا گوشوارا جمع ڪرايا جڏهن ته گذريل سال 38 هزار 326 ڪمپنين پنهنجا ريٽرن جمع ڪرايا.
ايس پي سي پي موجب نان لسٽ ٿيل ڪمپنين جي شيئر سرٽيفڪيٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن شروع ٿي وئي آهي، اليڪٽرانڪ شيئرز سان ڪمپنين جي شيئر هولڊنگ تڪرارن جو خاتمو ممڪن ٿيندو، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۾ سهولت مرڪز قائم ڪيا ويندا.
ايس اي سي پي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني جي رجسٽريشن سسٽم کي وڌيڪ خودڪار ڪيو ويندو ۽ ڪمپني جي نالن جي رجسٽريشن لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو ويندو.


