ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي بن قاسم ۾ پوليس پاڪستان اسٽيل مل مان چوري ٿيل قيمتي ڌاتو ڪڍي وڪرو ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو. ڪارروائي دوران هڪ سون سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ملير ضلعي پوليس موجب ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ زر ولي، لقمان شير ۽ سديس طور ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سديس پيشي جي لحاظ کان سونار آهي جيڪو چوري جو سامان خريد ڪري ان مان چاندي ڌار ڪري پوءِ شهرين کي وڪرو ڪندو هو جڏهن ته ٻيا جوابدار اسٽيل مل مان سامان چوري ڪرڻ ۾ ملوث هئا.
ڪارروائي دوران پوليس جوابدارن جي قبضي مان 2800 گرام چاندي، تانبا جي تار، مختلف ڪاپر جا ٽڪرا، اليڪٽرڪ سرڪٽس، اڇو ٽامي، پيتل، ويلڊنگ هولڊر ۽ چوري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار هٿ ڪيا.
جاچ اختيارين موجب گرفتار جوابدارن ۾ زر ولي ۽ لقمان شير شامل آهن، جيڪي اڳ به مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل ويا آهن ۽ سندن ڪرمنل رڪارڊ به موجود آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل ٻين ماڻهن بابت به ڄاڻ ورتي پئي وڃي.


