اسلام آباد:
پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل اقتصادي ڪميشن جي پليٽ فارم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان-تاجڪستان ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب واپار واري وزير ڄام ڪمال ۽ تاجڪستان جي سفير شريفزاده يوسف طور وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپاري ۽ لنگهه تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ واپار واري وزير علائقائي واپار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي لاجسٽڪ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ متبادل واپاري رستن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انٽيگريٽڊ ٽريڊ ڪوريڊور جي قيام کي اهم قرار ڏنو ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ بزنس فورم منعقد ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني.
تاجڪ سفير پاڪستان جي علائقائي رابطن جي قدمن کي ساراهيو ۽ سستي ۽ قابل اعتماد ٽرانزٽ رستن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته تاجڪستان پاڪستان کي اضافي توانائي برآمد ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ايلومينيم جي واپار ۽ صنعتي تعاون جا به وسيع موقعا موجود آهن.
ٻنهي ملڪن گڏيل اقتصادي ڪميشن جي پليٽ فارم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته لاجسٽڪ هب ۽ جديد ٽرانسپورٽ سسٽم خطي ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، جڏهن ته علائقائي رابطن لاءِ چين سان سهڪار کي به اهم سمجهيو ويو.
ان کان علاوه ڪيترن ئي واپاري رستن کي فعال رکڻ ۽ ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ادارن جي وچ ۾ سڌي ريت رابطا وڌائڻ جي تجويزن تي به اتفاق ڪيو ويو.


