ڪراچي؛ مڙس کي هٿيارن سان قتل ڪندڙ عورت کي پٽ سميت گرفتار ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون پوليس گلشن حديد فيز 2 ۾ گهريلو تڪرار دوران پنهنجي پٽ سان گڏجي مڙس کي هٿيارن جي وار ڪري قتل ڪندڙ جوابدار زال ۽ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو، ضلعي ملير پوليس جي ترجمان موجب ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن حديد فيز 2 ۾ انور خان نالي هڪ شخص کي گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سندس زال ۽ پٽ جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا هئا. هن چيو ته ايس ايس پي ضلعي ملير جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي هئي ۽ سخت جدوجهد کانپوءِ قتل ۾ ملوث مقتول انور خان جي زال ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي گرفتار ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس کي شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته واقعو گهريلو تڪرار دوران پيش آيو، جڏهن ته مقتول جي زال ۽ پٽ به ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. اسٽيل ٽائون پوليس گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment