اداڪارا مومنه اقبال سان مبينا طور تي زيادتي واري هاءِ پروفائل ڪيس ۾ نئون رخ اچي ويو آهي، جڏهن ته سندس وڪيلن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيس جي پس منظر ۾ پراڻا لاڳاپا ۽ اڳتي هلي پيچيدگيون شامل آهن. وڪيلن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ثاقب چادر اڳ ۾ ئي شادي شده آهي ۽ اهو ئي تڪرار جو وڏو سبب بڻيو. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مومنه اقبال جي وڪيلن عدنان احسان ۽ رمشا اقبال چيو ته اداڪارا ۽ ليگي ايم پي اي وچ ۾ لاڳاپا 2022ع ۽ 2023ع دوران جاري رهيا، سندس چوڻ هو ته ايم پي اي مسلسل شادي جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ باضابطا لاڳاپا پڻ موڪليا ويا، پر بعد ۾ مبينا طور تي ٽين شادي ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جڏهن اها حقيقت واضح ٿي وئي ته مومنه اقبال اخلاقي بنيادن تي لاڳاپا ختم ڪيا. سندس چوڻ هو ته صورتحال ان وقت خراب ٿي جڏهن اداڪارا ٻي جاءِ تي شادي ڪئي، جنهن تي مبينا طور تي لاڳاپيل ايم پي اي پاران دٻاءُ ۽ هراسان ڪيو ويو. وڪيلن اهو به الزام لڳايو ته ان دوران سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي اداڪارا جي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. هن واضح ڪيو ته سمورين ڌمڪين ۽ دٻاءُ باوجود مومنه اقبال جي شادي مقرر تاريخ يعني پهرين جون تي ٿيندي، وڪيلن جو چوڻ هو ته هراسان ڪرڻ، بليڪ ميل ۽ ڌمڪيون جا سمورا ڊجيٽل ۽ دستاويزي ثبوت اين سي آءِ اي ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ۽ جاچ ادارن جو رويو مثبت رهيو آهي، جنهن سان انصاف جي اميد وڌي رهي آهي. ٻئي طرف مومنه اقبال ۽ سندس وڪيلن ان معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ تي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته عورت فنڪاره جي تحفظ لاءِ بروقت قدم ساراهه جوڳا آهن.
Source link

مومنه اقبال هراساني ڪيس: ليگي ايم پي اي سان لاڳاپن ۽ تڪرار جا تفصيل سامهون اچي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

