ناليواري گلوڪار راحت فتح علي خان کي وراثت ملڪيت واري ڪيس ۾ عدالت کان وڏو رليف ملي ويو.
تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وراثت ملڪيت واري تڪراري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ٽرائل ڪورٽ جي راحت فتح علي خان جي عدالت فيس جي عدم ادائيگي تي اپيل رد ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي راحت فتح علي خان جي درخواست تي 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت راحت فتح علي خان جي اپيل بحال ڪندي کيس هڪ لک ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته راحت فتح علي خان فيصل آباد ۾ هڪ ڪنال 9 مرلا ڊبل اسٽوري گهر جي قبضي جي تصديق لاءِ سول ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي، جنهن تي سول ڪورٽ 14 مئي 2019 تي گلوڪاره خلاف رٽ جاري ڪيو.
عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته راحت فتح علي خان سول ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٽرائل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، ٽرائل ڪورٽ 15 هزار ڪورٽ فيس جمع نه ڪرائڻ تي اپيل ٽيڪنيڪل بنيادن تي رد ڪري ڇڏي.
فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته راحت فتح علي خان ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، رڳو ڪورٽ فيس ادا نه ڪرڻ تي اپيل رد ڪرڻ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو فيس جي ادائگي يا ٽيڪنيڪل غلطي تي اپيل رد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٽرائل ڪورٽ درخواستگذار کي ڪورٽ فيس لاءِ صرف 4 ڏينهن جي مهلت ڏني جيڪا ڪافي نه هئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته اپيل جو حق قابل قدر قانوني حق آهي، رڳو ٽيڪنيڪل غلطي تي معافي نٿي وٺي سگهجي، اپيل جو فيصلو ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، رڳو ٽيڪنيڪل غلطين جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي.
عدالت راحت فتح علي سميت سمورن ڌرين کي 2 جون تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته اپيلن جي ميرٽ تي ٻن مهينن ۾ فيصلو ڪيو وڃي.


