ڪراچي جي علائقي ڪورنگي بلال چورنگي ڀرسان سلينڊر جي دڪان ۾ گيس ليٽ ٿيڻ سبب ٻار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو عملدارن موجب زخمين ۾ 42 ورهين جو اسلم ۽ 12 ورهين جو فدا شامل آهن.
ٻنهي کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


