فيفا ورلڊ ڪپ: الجزائر جي شاندار واپسي، اردن کي 1-2 تان شڪست

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ جي جي اهم ميچ ۾ الجيريا اردن کي 1-2 تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ اسٽيج تائين پهچڻ جون اميدون زندهه رکيون.

سانتا ڪلارا ۾ شڪست کانپوءِ اردن جون ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ جون اميدون ختم ٿي ويون.

ميچ جي شروعات ۾ اردن مضبوط دفاع سان الجزائر جي حملن کي گهڻي دير تائين پوئتي رکيو. جڏهن ته 36هين منٽ ۾ دفاعي غلطي جو فائدو وٺندي اردن جي نزار الراشدان گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري.

ٻئي هاف ۾ الجزائر جارحاڻي انداز ۾ راند جاري رکي ۽ آخر ۾ 69 هين منٽ ۾ متبادل نذير بينبولي شاندار هيڊر سان گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو سخت ٿي ويو.

ميچ جي آخري لمحن ۾ امين غوري موقعي جو فائدو وٺندي بال کي جال ۾ وجهي ٽيم کي 1-2 جي برتري ڏياري جيڪا آخر تائين برقرار رهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment