ايران جنگ جي معاشي اثرن سبب سنڌ ۾ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ سبسڊي جو اعلان، بلاول ڀٽو زرداري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايران جنگ جي معاشي اثرن جو بار عوام مهانگائي جي صورت ۾ برداشت ڪري رهيو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران ۾ جنگ جا سڄي دنيا تي معاشي اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن ايران جنگ شروع ٿي ته وفاقي حڪومت پنهنجي طرفان 50 سيڪڙو سبسڊي ڏني هئي ۽ صوبن کي چيو هو ته هو پنهنجي عوام کي وڌيڪ سبسڊي ڏين. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي درخواست تي صوبائي حڪومتن ٽرانسپورٽرن کي سبسڊي ڏني، سنڌ صوبو 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ ننڍن هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ذريعي مالي مدد فراهم ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ فيول سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن کي مفت گهر سولر ڪٽس ڏنيون پيون وڃن ۽ سنڌ حڪومت موجوده معاشي مشڪلاتن ۾ عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي قيادت جي ڪوشش آهي ته نه رڳو جنگ بندي جاري رهي پر جنگ کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي ته جيئن معاشي بحران مان نڪري سگهون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment