زمبابوي خلاف عورتن جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪيلاش قبيلي سان تعلق رکندڙ سائره جبين پاڪستان لاءِ پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 25 سالن جي سائره جبين جو تعلق خيبرپختونخواه صوبي جي چترال ضلعي ۾ هندو جبل جي مشهور ڪيلاش قبيلي سان آهي. لاهور جي ڪينارڊ ڪاليج ۾ پڙهندڙ آل رائونڊر سائره جبن ڊوميسٽڪ وومين ڪرڪيٽ ۾ اسٽرائڪرز جي طرفان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. بهرحال، سائره پنهنجي پهرين ميچ ۾ پنج بالن تي صرف پنج رنسون ٺاهي سگهي.
Source link

ڪيلاش قبيلي جي عورت ڪرڪيٽر سائره جبن پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪري رهي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

