بالي ووڊ اداڪارا موني راءِ ۽ سندس مڙس سورج نمبيار جي ڌار ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.
اها قیاس آرائي تڏهن شروع ٿي جڏهن مداحن اهو محسوس ڪيو ته ٻنهي هڪ ٻئي کي انسٽاگرام تي مبينه طور تي ان فالو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سندن تعلق بابت سوال اٿاريا ويا آهن.
موني راءِ ۽ سورج نمبيار جنوري 2022 ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا ۽ شادي کان پوءِ ٻئي سوشل ميڊيا تي اڪثر هڪ ٻئي سان تصويرون ۽ پيار ڀريا پيغام شيئر ڪندا رهيا آهن.
بهرحال، تازيون سرگرميون مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيون آهن.
جيتوڻيڪ ٻنهي جي هڪ ٻئي کي ان فالو ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن پر موني جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اڃا به شادي ۽ سورج سان گڏ ڪيتريون ئي يادگار تصويرون موجود آهن، جڏهن ته موني سان گڏ تصويرون به سورج جي پروفائيل تي ڏسي سگهجن ٿيون.
سورج نمبيار جي پوسٽن تي تبصرو ڪندڙ مداحن انهن جي رشتي بابت سوال اٿاريا آهن.
ڪجهه صارفين ممڪنه طلاق جو به اندازو لڳايو پر هن وقت تائين موني يا سورج طرفان انهن خبرن تي ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.


