هندستان جي ٻي وڏي مسلمان رياست اولهه بنگال به انتهاپسند بي جي پي جي حڪومت هيٺ آهي.
مودي سرڪار بدترين پاليسيون ٺاهي بنگالي مسلمانن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ملڪ مان جبري ٻاهر ڪڍيو.
آمريڪي تحقيقي اداري هيومن رائيٽس ريسرچ سينٽر موجب مودي جي ڊيٽ ڊيٽ ڊليٽ ڊيپورٽيشن پاليسي جي نالي تي بنگالي مسلمانن کي بنا تصديق جي سرحد پار موڪليو پيو وڃي.
انساني حقن جي وڪيل امان ودود جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت دستاويزن ۾ معمولي غلطي تي شهرين کي زبردستي ملڪ مان نيڪالي ڏئي رهي آهي. مودي حڪومت پراڻي جنگل جي قانون جو غلط استعمال ڪندي 50 هزار مسلمانن کي سندن گهرن مان بي دخل ڪري رهي آهي.
مودي شناختي ڪاغذ ڦاڙي مسلمانن کي بندوق جي زور تي ڀارت مان ٻاهر اڇلائي رهيو آهي، بي جي پي اولهه بنگال ۾ بنا ڪنهن اطلاع جي سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري هزارين مسلمانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ ايشيائي معاملن تي تحقيق ڪندڙ ارجن چترجي موجب مودي حڪومت مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقرير استعمال ڪري انهن خلاف جارحاڻو ماحول پيدا ڪري رهي آهي. بنگال جي وڏي وزير سويندو اديڪري جي سماجي بائيڪاٽ ۽ مسلمانن خلاف اشتعال انگيز بيانن ڀارتي قيادت جي اکين کي پڪڙي ڇڏيو آهي.


