ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا، 4 جوابدارن سميت 6 جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلي دوران 6 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو، جن مان 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آپريشن بلال ڪالوني، بن قاسم، سر سيد ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪيو.

پوليس موجب نيو ڪراچي سيڪٽر 5 ڊي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد جنيد جي نالي سان ٿي آهي. پوليس سندس قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اهڙي طرح بن قاسم پوليس ملير گوهر پل وٽ مبينا مقابلي بعد ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو، جن مان هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

زخمي جوابدار کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي گرفتار جوابدار محمد شعيب کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.

سر سيد پوليس موجب سيڪٽر 7 بلال ڪالوني ۾ به مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو.

سندس سڃاڻپ يوسف آغا طور ٿي آهي. پوليس سندس قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو.

هوڏانهن ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي مهراڻ ٽائون ۾ پوليس مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو، جن مان هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

زخمي جوابدار فرمان کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي جوابدار محمد علي کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.

پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment