انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن (ايف آءِ ايڇ) پرو هاڪي ليگ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم جو مايوس ڪندڙ سفر تلخ پڄاڻي تي پهتو، گرين شرٽس کي فائنل ميچ ۾ به انگلينڊ هٿان 7-0 تان هڪ طرفي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. لنڊن ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ شروع کان ئي پاڪستان تي مڪمل برتري برقرار رکي. انگلينڊ طرفان نڪولس بينڊورڪ ٻه، جڏهن ته هينري ڪرافٽ، زڪريري والس، سيميول هوپر، سموئيل ٽيلر ۽ سام وارڊ هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي وڏي فتح کي يقيني بڻايو. ان شڪست سان پاڪستان هاڪي ٽيم پرو ليگ جا سمورا 16 ميچ هارائي ۽ ايونٽ ۾ هڪ به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. انگن اکرن موجب پاڪستان سڄي ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 22 گول ڪيا جڏهن ته حریف ٽيمن گرين شرٽس خلاف 79 گول ڪيا. اهڙي ريت 16 ميچن جي پڄاڻي تي پاڪستان جو گول جو فرق مائنس 57 رهيو، جيڪو ٽيم جي انتهائي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري ٿو.
Source link

پرو هاڪي ليگ: پاڪستان هاڪي ٽيم سمورا 16 ميچ هارائي ڇڏي، انگلينڊ کي به 7-0 تان شڪست.
Leave a Comment Leave a Comment

