اسلام آباد:
بني گالا پوليس عورت جي قتل ۾ ملوث سسر، اڳوڻي مڙس ۽ سسر کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي آءِ جي اسلام آباد محمد جواد طارق موجب جوابدار مسمات بشرا کي 20 مئي تي بني گالا ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيو هو، جوابدارن قتل کي ڪرنٽ لڳڻ جو واقعو قرار ڏئي کيس فوري طور تي دفن ڪيو هو، جڏهن ته اسلام آباد بني گالا پوليس سيف سٽي ڪيمرائن، انساني ڄاڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان انڌا قتل جو پتو لڳايو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي آءِ جي موجب گرفتار جوابدارن ۾ ظاهر شاهه (سُورو)، اسد خان (اڳوڻو مڙس) ۽ پير محمد (سُورو) شامل آهن. جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.


