فيفا ورلڊ ڪپ 2026 دوران سوشل ميڊيا تي رانديگرن خلاف نسل پرستي ۽ نفرت آميز مواد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
فيفا جي سوشل ميڊيا پروٽيڪشن سروس جي رپورٽ موجب ٽورنامينٽ جي گروپ اسٽيج دوران 89 هزار کان وڌيڪ جارحاڻي پوسٽون ۽ تبصرا ڪيا ويا، جيڪي 2022 جي ورلڊ ڪپ جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 13 ڀيرا وڌيڪ آهن.
رپورٽ ۾ معلوم ٿيو ته مجموعي طور تي 11 سيڪڙو آن لائن بدسلوڪي نسل پرست نوعيت جي هئي، گذريل ورلڊ ڪپ کان 3 سيڪڙو وڌيڪ.
اداري موجب جديد مانيٽرنگ سسٽم سان مواد جي ڳولا ۾ بهتري آئي آهي، پر انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته نسلي تعصب جي بنياد تي آن لائن حملن جو رجحان خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي.
فيفا موجب 100 کان وڌيڪ اهڙا واقعا ٿيا جن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
ٽورنامينٽ دوران 6 ملين کان وڌيڪ پوسٽن ۽ تبصرن جو جائزو ورتو ويو، جن مان لڳ ڀڳ 225,000 کي انساني جائزي لاءِ چونڊيو ويو جڏهن ته 181,000 نفرت آميز تبصرن کي حذف ڪيو ويو.
واضح رهي ته مراکش خلاف پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ هالينڊ جي رانديگرن جسٽن ڪلويورٽ، ڪوئنٽين ٽمبر ۽ ڪرسينسيو سيمرول کي به سوشل ميڊيا تي نسل پرست ۽ تعصبي تبصرن جو سامنا ڪيو هو.


