وفاقي آئيني عدالت اسلام قبول ڪندڙ عورت عائشه کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته عدالت عائشه کي والدين جي حوالي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته گذريل ٻڌڻي تي ڇوڪري جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ طبي معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وسيم ممتاز عدالت کي ٻڌايو ته ڇوڪري جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ عائشه جي عمر 19 کان ساڍا 19 سال ٻڌائي وئي آهي. هن چيو ته عدالت دستاويزن ۾ عمر جي فرق ۽ ڇوڪري جي دعويٰ جي بنياد تي طبي معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته ڇوڪري بالغ آهي ته ان کي پنهنجي مرضي سان رهڻ جي مڪمل اجازت آهي. عدالت عائشه کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن والدين ملاقات ڪرڻ چاهين ته سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي.
گذريل ٻڌڻي تي آئيني عدالت ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين عائشه کي دارالامان منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. لاهور جي رهواسي سونيا اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو عائشه رکيو. عائشه عدالت ۾ بيان ڏنو ته سندس والدين کيس اسلام ڇڏڻ ۽ ٻيهر عيسائي ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.
جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.


