جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ابراهمي معاهدي کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسرائيل سان لاڳاپن جي تجويز آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي مترادف قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ جي غيرقانوني مطالبي کي رد ڪرڻ جو واضح اعلان ڪري. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ابراهيمي معاهدو دراصل هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو دستاويز آهي، قبضي واري فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪي صدر جنهن والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاني تسليم ڪيو هو هڪ ڀيرو ٻيهر مسلمان ملڪن جا هٿ مروڙي رهيو آهي، آمريڪي صدر نيتن ياهو سان غزه کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ابراهيمي معاهدي لاءِ مسلمان ملڪن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستاني قوم غاصب طرفان يروشلم تي اسرائيلي قبضي کي جائز ۽ قانوني قرار ڏيڻ واري فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، سڄو فلسطين فلسطين جو آهي ۽ يروشلم ان جو گاديءَ جو هنڌ آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي، اهو ئي موقف قائداعظم جو هو ۽ اهو ئي هر پاڪستاني جو موقف آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ جي غير قانوني مطالبي کي رد ڪرڻ جو واضح اعلان ڪري.
Source link

ٽرمپ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، وزيراعظم انڪار ڪري ڇڏيو، حافظ نعيم
Leave a Comment Leave a Comment

