آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ممڪن ڊيل کي وچ اوڀر ۾ لاڳاپن ۾ وڏي سفارتي تبديلي قرار ڏنو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکيو ته خطي جي ڪيترن ئي اسلامي ملڪن کي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ گهرجن.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ ڊگهي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ڇنڇر تي هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، بحرين، اردن، ترڪي، پاڪستان، قطر ۽ مصر جي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران سان جنگ جي خاتمي ۽ ڪنهن ممڪن ڊيل کان پوءِ اهي ملڪ گڏيل طور تي ”ابراهيم معاهدو“ تي صحيحون ڪن.
صدر ٽرمپ خاص طور تي سعودي عرب ۽ قطر کي گهرجي ته فوري طور تي اسرائيل سان ابراهيمي معاهدن تي صحيحون ڪن ۽ ٻين ملڪن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي.
هن اهو به خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ابراهيم معاهدو ۾ شامل ٿيڻ نه ٿو چاهي ته ان کي ايران سان تجويز ڪيل ڊيل جو حصو به نه هئڻ گهرجي ڇو ته اهو خراب خواهش ڏيکاريندو.
آمريڪي صدر اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران آمريڪا سان ڪو معاهدو ڪري ٿو ته ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ اسلامي جمهوريه ايران لاءِ اعزاز هوندو.
صدر ٽرمپ موجب جيڪڏهن ائين ٿيو ته وچ اوڀر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ متحد، طاقتور ۽ معاشي طور مضبوط خطو بڻجي سگهي ٿو.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا خطي ۾ هڪ تمام پيچيده سفارتي معما حل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، تنهن ڪري اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ان عمل ۾ ايندڙ قدرتي قدم هجڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ بحرين اڳ ۾ ئي اسرائيل سان ابراهيمي معاهدي جو حصو آهن جڏهن ته ٻين ملڪن کي به جلد ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.
آمريڪي صدر ابراهيمي معاهدن جي اثرائتي وضاحت ڪندي چيو ته انهن معاهدن ۾ شامل ملڪن سوڊان، مراکش ۽ قازقستان لاءِ مالي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي جا نوان دروازا کولي ڇڏيا آهن.
صدر ٽرمپ ان ڳالهه کي به ساراهيو ته ايران سان جنگ ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود ڪنهن به ميمبر ملڪ ابراهيمي معاهدي مان نڪرڻ يا ان کي معطل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي.
واضح رهي ته ابراهم معاهدو پهريون ڀيرو 2020 ۾ ٽرمپ جي پهرين دور حڪومت ۾ ٿيو هو، جنهن تحت گڏيل عرب امارات ۽ بحرين سميت ڪيترن ئي عرب ملڪن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.


