ڀارت ۾ ڪيس کٽڻ لاءِ جج تي ڪارو جادو، 65 سالن جي عورت گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بنگلورو: ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ زمين جي تڪرار جو ڪيس کٽڻ جي ڪوشش ۾ هڪ 65 سالن جي عورت کي جج تي ڪارو جادو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عورت تي الزام آهي ته هن عدالت ۾ داخل ٿي جج جي ڪرسيءَ ۽ ڊائيس تي اڇي سرسري جا داڻا اڇلايا. هن جو مقصد اهو هو ته عدالت جو فيصلو پنهنجي حق ۾ مبينا طور تي جادوگري ڪري.

رپورٽن مطابق عدالتي اسٽاف جج جي سيٽ تي اڇي سرسري جا داڻا ڏٺا، جنهن کانپوءِ عدالت ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ جو جائزو ورتو ويو ته معاملو شڪي ٿيو.

فوٽيج ۾ هڪ عورت کي جج جي ڪرسيءَ ۽ ڊائيس جي ڀرسان اڇي سرنهن جا داڻا پکيڙيندي نظر آئي، جنهن بعد عدالتي عملي فوري طور تي مقامي پوليس کي اطلاع ڪري عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو.

پوليس ڪارروائي ڪري 65 ورهين جي عورت کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين موجب، شروعاتي جاچ دوران عورت اعتراف ڪيو ته هن اهو ڪم ان يقين سان ڪيو ته هو زمين جي تڪرار جو ڪيس کٽيندي.

بعد ۾ عورت کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

واقعي کانپوءِ ڀارت ۾ توهم پرستيءَ، ڪاري جادو ۽ عدالتي نظام بابت نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment