ڪيف: يوڪرين روسي حملن ۾ شدت اچڻ کانپوءِ آمريڪا کان پنهنجي فضائي دفاعي نظام لاءِ وڌيڪ گولا بارود ۽ دفاعي مدد جي درخواست ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خط موڪليو آهي جنهن ۾ هن آمريڪا کي فضائي دفاعي نظام لاءِ وڌيڪ گولا بارود فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پنهنجي خط ۾ صدر زيلنسڪي چيو آهي ته روسي حملا مسلسل وڌي رهيا آهن ۽ يوڪرين کي پنهنجي شهرين ۽ نازڪ تنصيبات جي حفاظت لاءِ فوري دفاعي سهڪار جي ضرورت آهي.
يوڪرين جي صدر پيٽريوٽ ميزائل سسٽم ۽ اضافي دفاعي نظام جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته اهي هٿيار روسي ميزائل ۽ فضائي حملن کي روڪڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.
هن آمريڪي صدر کي گذارش ڪئي ته روسي حملن جو مؤثر جواب ڏيڻ لاءِ هن نازڪ دفاعي نظام جي صلاحيت کي برقرار رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ يوڪرين جي مدد ڪئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين هن وقت سخت هوائي حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته روس طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ يوڪرين پنهنجي اتحادين خاص ڪري آمريڪا کان وڌيڪ فوجي ۽ دفاعي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سياسي مبصرن موجب، يوڪرين جي اضافي فضائي دفاعي نظام جي درخواست ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته جنگ جي موجوده مرحلي ۾ هوائي دفاع يوڪرين جي اولين ترجيح بڻجي چڪو آهي.


