تڪراري ’اينهانسڊ گيمز‘ جي منتظمين دنيا جي تيز ترين انسان يوسين بولٽ جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ کي 10 ملين ڊالر انعام جي آڇ ڪئي آهي.
عالمي خابرو اداري موجب اينهانسڊ گيمز جي منتظمين چيو آهي ته 2027ع جي ايونٽ ۾ جيڪڏهن ڪو ايٿليٽ يوسين بولٽ جو 100 ميٽرن جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته کيس هڪ ملين ڊالر انعام ڏنا ويندا.
ان اعلان سان راندين جي دنيا ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي رهيو آهي جڏهن ته ممنوع منشيات جو استعمال ڪندڙ رانديگرن کي به مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
يوسين بولٽ 2009 ۾ برلن ۾ 9.58 سيڪنڊن جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪو اڃا تائين ايٿليٽڪس جي تاريخ ۾ ناقابل شڪست رڪارڊ سمجهيو وڃي ٿو.
ان اعلان کان پوءِ لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ پهرين اينهنس گيمز پڻ سرخيون بڻيون جتي ڪيترن ئي رانديگرن پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.
يوناني سوئمر ڪرسٽين گڪولوموف 50 ميٽر فري اسٽائل ۾ 20.81 سيڪنڊن جي وقت سان 1.5 ملين ڊالر کٽيا.
بهرحال، اهو رڪارڊ عالمي سطح تي تسليم نه ڪيو ويندو ڇو ته اهي مقابلا عالمي اينٽي ڊوپنگ ايجنسي جي ضابطن موجب غير قانوني سمجهيا وڃن ٿا.
منتظمين موجب مقابلن ۾ سمورن رانديگرن طبي نگراني ۾ حصو ورتو ۽ ايونٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. ڪمپني اهو پڻ چيو ته 2027 جي راندين جي تياري شروع ٿي چڪي آهي.


