آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي قيادت فاطمه ثنا ڪندي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


فاطمه ثنا آئرلينڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز ۽ آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي قيادت ڪندي.

سيريز 28 مئي کان 4 جون تائين ڊبلن ۾ کيڏي ويندي. سيريز ۾ پاڪستان، ميزبان آئرلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون حصو وٺنديون. سيريز پاڪستان وومين ٽيم لاءِ آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ تياري جو اهم موقعو هوندو.

ايمان فاطمه، نتاليا پرويز، رامين شميم، سائره جبين ۽ تسميه رباب پهريون ڀيرو آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪنديون. پاڪستان وومين تازو ئي ڪراچي ۾ زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي.

آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان وومين ٽيم 6 جون تي سريلنڪا ۽ 9 جون تي اسڪاٽ لينڊ خلاف وارم اپ ميچون کيڏندي، پاڪستان وومين ٽيم 14 جون تي برمنگهم ۾ پنهنجي روايتي حریف ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ جو سفر شروع ڪندي.

پاڪستان وومين ٽيم 17 جون تي ڏکڻ آفريڪا، 20 جون تي بنگلاديش ۽ 23 جون تي آسٽريليا سان مقابلو ڪندي، پاڪستان وومين ٽيم گروپ اسٽيج جي پنهنجي آخري ميچ 27 جون تي برسٽل ۾ هالينڊ سان ٿيندي.

پاڪستان وومين اسڪواڊ ۾ فاطمه ثنا، عاليه رياض، عائشه ظفر، ڊيانا بيگ، ايمان فاطمه، گل فيروزه، ارم جاويد ۽ منيبا علي صديقي، ناصره سنڌو، نتاليا پرويز، رامين شميم، سعديه اقبال، سائره جبين، تسميه رباب ۽ طوبيٰ شامل آهن. ريزرو رانديگرن ۾ امبر ڪائنات، مومنه رشتا، صدف شمس، سدرا امين، سيده عروب شاهه ۽ ام هاني شامل آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment