واشنگٽن/ تهران: آمريڪي فوج مسلسل اٺين رات ايران خلاف فضائي ۽ فوجي ڪارروايون جاري رکندي ڪيترن ئي فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب تازو حملن ۾ ايران جي ساحلي نگراني نظام، فضائي دفاعي تنصيب، بحري صلاحيت، ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج سهولتن کي نشانو بڻايو ويو.
CENTCOM جو چوڻ آهي ته انهن ڪاررواين جو مقصد ايران جي فوجي صلاحيتن کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۽ خطي ۾ امڪاني حملن جي صلاحيت کي محدود ڪرڻ آهي.
آمريڪي فوج موجب حملن ۾ انقلابي گارڊز جي عناصرن کي به نشانو بڻايو ويو، جن تي اردن ۾ مقرر آمريڪي فوجين تي حملن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
آمريڪي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن انتهائي درست ٽارگيٽ ڪلنگ هٿيارن جي استعمال سان ڪيا ويا پر انهن حملن ۾ جاني يا مالي نقصان جا تفصيل جاري نه ڪيا.
ٻئي طرف ايران طرفان ان تازي آمريڪي حملن تي فوري طور تي ڪو به باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو، جڏهن ته آزاد ذريعن آمريڪي دعوائن جي مڪمل تصديق نه ڪري سگهي آهي.
اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا آهن جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ خطي ۾ فوجي آپريشن، جوابي حملن ۽ آبنائے هرمز جي صورتحال عالمي برادري جي پريشاني کي وڌائي ڇڏيو آهي.
دفاعي ماهرن موجب جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ جاري رهي ته ان جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر عالمي توانائي مارڪيٽن، عالمي واپار ۽ علائقائي سلامتي تي به پئجي سگهن ٿا.


