چين جي نئين فوجي طاقت جو مظاهرو، آبدوز مان اسٽريٽجڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بيجنگ: چين آبدوز مان اسٽريٽجڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

چيني عملدارن موجب اهو تجربو معمول جي فوجي تربيتي پروگرام جو حصو هو ۽ عالمي قانون موجب ڪيو ويو.

چين جي سرڪاري خبرن جي ايجنسي موجب ٽيسٽ ۾ ڊمي وار هيڊ سان ليس اسٽريٽجڪ ميزائل جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪاميابيءَ سان پئسفڪ سمنڊ ۾ اڳواٽ مقرر هدف تي لينڊ ڪيو.

چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ميزائل ٽيسٽ جو مقصد فوجي صلاحيتن ۽ دفاعي نظام کي جانچڻ هو، جڏهن ته ڪنهن مخصوص ملڪ يا علائقي کي نشانو بڻائڻ نه هو.

سرڪاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تجربي کان اڳ لاڳاپيل ملڪن کي اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو ويو هو ته جيئن غلط فهمي يا غير ضروري ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي.

ٻئي طرف جاپان تصديق ڪئي آهي ته ان کي ميزائل ٽيسٽ بابت اڳ ۾ ئي آگاهي ڏني وئي هئي پر ٽوڪيو به بيجنگ کان اهڙن تجربن جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ به چيو آهي ته چين ميزائل ٽيسٽ جو اڳواٽ اطلاع ڏنو هو پر سندس چوڻ هو ته بيلسٽڪ ميزائل جا اهڙا تجربا خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

دفاعي ماهرن موجب آبدوز مان اسٽريٽجڪ ميزائل جي ڪامياب تجربي کي چين جي بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اهم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته اهڙا تجربا خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ اسٽريٽجڪ توازن جي حوالي سان به اهم آهن.

تجزيه نگارن موجب پئسفڪ سمنڊ ۾ وڌندڙ فوجي سرگرمين سبب ايشيا پيسفڪ خطو عالمي طاقتن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي چين، آمريڪا ۽ ٻيا علائقائي ملڪ پنهنجي دفاعي صلاحيت کي مسلسل مضبوط ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment