آمريڪي سينيٽ جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيترن ئي نار ملڪن آمريڪا کان ڪرنسي مٽائڻ جي سهولت لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته انهن درخواست ڏيندڙ ملڪن ۾ گڏيل عرب امارات به شامل آهي، جيڪو مالي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ان سهولت ۾ دلچسپي رکي ٿو.
هن واضح ڪيو ته ڪرنسي جي مٽا سٽا جو مقصد نه رڳو ڊالر جي فراهمي آهي پر عالمي مالياتي نظام ۾ استحڪام کي به يقيني بڻائڻ آهي. ان طريقي تحت، آمريڪا عارضي طور تي ڪنهن ملڪ کي ڊالر فراهم ڪندو آهي جڏهن ته ان جي بدلي ۾ لاڳاپيل ملڪ جي ڪرنسي وصول ڪندي.
آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري موجب ان قدم جو هڪ بنيادي مقصد اتحادي ملڪن کي پنهنجا اثاثا اوچتو ۽ غير رسمي طور تي وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ آهي، جنهن سان عالمي مالياتي مارڪيٽن کي غير مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.
اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن نار ملڪن ۽ عالمي معيشت کي درپيش چيلنجز سبب مالي تعاون ۽ ڪرنسي جي استحڪام جي اهميت وڌي وئي آهي.


