ٽرمپ پاران جنگ بندي جي تجويز رد، ايراني حڪومت جو سخت ردعمل سامهون اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري IRIB آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران جي ردعمل کي رد ڪرڻ تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪي منصوبو دراصل ’ٽرمپ جي لالچ آڏو ايران کي تسليم ڪرڻ‘ جي مترادف آهي.

الجزيره موجب ايران جي سرڪاري ميڊيا پنهنجي ٽيليگرام بيان ۾ چيو ته تهران جي جواب ۾ ايراني قوم جي بنيادي حقن تي زور ڏنو ويو آهي ۽ ايران ڪنهن به اهڙي ڊيل کي قبول نه ڪندو جيڪو ان جي خودمختياري يا قومي مفادن جي خلاف هجي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي تازي تجويزن ۾ آمريڪا کان جنگي نقصان جو مطالبو شامل آهي. ايران آبنائے هرمز تي پنهنجي خودمختياري واري موقف کي به ورجايو ۽ چيو ته خطي ۾ سلامتي ۽ سامونڊي خطن جي معاملن تي ايران جو موقف واضح ۽ غيرمتزلزل آهي.

IRIB موجب، ايراني جواب ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته آمريڪا ايران تي لڳل سموريون پابنديون هٽائي ۽ فوري طور تي منجمد ايراني اثاثا بحال ڪري.

ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي ايراني تجويزن کي ناقابل قبول قرار ڏئي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.

ماهرن موجب آبنائي هرمز تي اختلاف، پابنديون هٽائڻ ۽ ايران جو ايٽمي پروگرام ڪنهن وڏي معاهدي ۾ سڀ کان وڏيون رڪاوٽون آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment