آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڊيل جو عمل بهتر ٿي رهيو آهي ۽ هفتي جي آخر ۾ ڳالهيون جاري رهنديون. ايريزونا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر اعلان ڪيو ته ايران مان ايٽمي مواد واپس آندو ويندو ۽ آمريڪا ايراني ايٽمي مٽي وصول ڪندو. هن چيو ته ايران کي ڪنهن به حالت ۾ ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته تجويز ڪيل معاهدي تحت ڪو به مالي مٽاسٽا نه ٿيندو. صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي عظيم شخصيتون قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي پاڪستاني اڳواڻن اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن لاءِ هو شڪر گذار آهن. آمريڪي صدر وچ اوڀر جي ٻين ملڪن سعودي عرب، قطر، ڪويت، يو اي اي ۽ بحرين جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن ملڪن ڀرپور تعاون ڪيو ۽ غير معمولي جرئت جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته کيس نيٽو کان مدد لاءِ فون آيو، پر هن چيو ته هاڻي آمريڪا کي نيٽو جي مدد جي ضرورت ناهي، پر نيٽو کي آمريڪا جي ضرورت آهي.
Source link

ايران سان معاهدو بهتر ٿي رهيو آهي، ڳالهيون هفتي جي آخر تائين جاري رهنديون: ٽرمپ
Leave a Comment Leave a Comment

