روس کي پاڪستاني سامونڊي کاڌي جي برآمد جي اجازت، حجم 800 ملين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

روس ڏانهن پاڪستاني سامونڊي کاڌي جي برآمد جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ برآمدات جو حجم 800 ملين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري مڇي مارڻ جي شعبي ۾ تاريخي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو روس ڏانهن پاڪستاني مڇي ۽ سامونڊي کاڌي جي برآمد لاءِ رستو هموار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته 16 پاڪستاني ڪمپنين کي روس ڏانهن مڇي برآمد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي جنهن سان ملڪ جي برآمدات لاءِ نوان دروازا کلي ويندا.

جنيد انور چوڌري موجب روسي مارڪيٽ کانپوءِ يوريشين اڪنامڪ يونين جي ٻين ملڪن تائين به پهچ جو امڪان آهي، جنهن سان پاڪستان جي سامونڊي خوراڪ جي شعبي ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. هن چيو ته مئرين فشريز ڊپارٽمينٽ سامونڊي خوراڪ جي برآمد لاءِ عالمي معيار کي يقيني بڻائي ٿو، جيڪو عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ تمام ضروري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سامونڊي کاڌي جي سالياني برآمدات 500 ملين ڊالرن کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته روسي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اها برآمدات 800 ملين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

سامونڊي معاملن واري وزير موجب روس کي برآمدات سان شروعاتي طور تي 300 ملين ڊالرن جي آمدرفت جو امڪان آهي، جيڪو ملڪي معيشت لاءِ مثبت پيش رفت ثابت ٿيندو.

جنيد انور چوڌري چيو ته سامونڊي خوراڪ جي برآمد لاءِ سامونڊي، هوائي ۽ زميني رستا استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته وچ ايشيائي ملڪن ڏانهن زميني رستي کي گهٽ لاڳت وارو واپاري ڪوريڊور قرار ڏنو ويو آهي. قزاقستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ پاڪستاني مڇيءَ جي وڏي گهرج آهي، جنهن سان ايڪسپورٽ جا وڌيڪ موقعا وڌي سگهن ٿا.

هن چيو ته پاڪستاني بندرگاهون علائقائي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جڏهن ته پاڪستاني گرم پاڻي جي مڇي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي ۾ برتري حاصل ڪري سگهي ٿي. سامونڊي معاملن واري وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته بهتر انفراسٽرڪچر ۽ بين الاقوامي معيارن تي عملدرآمد جي ڪري سامونڊي کاڌي جي برآمد ۾ نمايان اضافو متوقع آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment