اسلام آباد:
وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي سينيئر صلاحڪار جي اهم مقرري لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ناڻي واري وزارت جي تجويز ڪيل ٽن اميدوارن جي انٽرويو کانپوءِ حتمي نالن جي چونڊ ڪندي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب، ٽيئي اميدوار وڏي عرصي کان وزارت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. نامزد ڪيل اميدوارن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري بجيٽ مريم ڪياني، جوائنٽ سيڪريٽري پرڏيهي ناڻي واري وزير معظم رضا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري نديم احسن ٻين پرڏيهي مالياتي ادارن جا معاملا ڏسندا آهن.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت مريم ڪياني جي نالي کي ترجيح ڏني هئي پر وزيراعظم آفيس معاملو وزارتي ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ميرٽ جي بنياد تي بهترين اميدوار جي چونڊ ڪئي. انٽرويو جو عمل هن مهيني شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۾ سينيئر صلاحڪار جي عهدي لاءِ عالمي معاشي معاملن، آءِ ايم ايف سسٽم ۽ عالمي مالياتي معاملن ۾ وڏي مهارت جي ضرورت آهي. موجوده سينيئر صلاحڪار سيف الله ڊوگر 3 سالن جو مدو پورو ڪري وطن واپس اچي رهيو آهي.
ناڻي واري وزارت سندس مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏني هئي پر حڪومت اها منظوري نه ڏني.
سينيئر صلاحڪار جو ڪردار صرف پاڪستان-آءِ ايم ايف لاڳاپن تائين محدود ناهي، پر مالي امداد جي درخواستن، آرٽيڪل فور رپورٽس ۽ مختلف پاليسين جي معاملن تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مدد پڻ ڪندو آهي.
ذريعن موجب نئين مقرري جو عمل سيپٽمبر ۾ متوقع چوٿين آءِ ايم ايف جي نظرثاني واري ڳالهين کان اڳ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف حڪومت جلد منيلا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) ۾ پاڪستان جي صلاحڪار جي مقرري جو عمل شروع ڪندي، هي عهدو پنجن سالن لاءِ آهي ۽ پاڪستان ۽ فلپائن وچ ۾ متبادل طور ڀرتي ڪيو ويو آهي.


