دنيا جي سڀ کان وڏي مال بردار جهاز ڪراچي جي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيا.
تفصيل موجب دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنٽينر جهازن مان هڪ ٻيو جهاز ڪراچي بندرگاهه جي ڊيپ واٽر ٽرمينل تي لنگر انداز ٿي ويو.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ SAPTL ٽرمينل تي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنٽينر جهازن مان هڪ MSC Loreto جو استقبال ڪيو، جيڪو ڪراچي پورٽ جي وڌندڙ گنجائش ۽ عالمي معيار جي بندرگاهن جي سهولتن ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.
ڪي پي ٽي جي ترجمان موجب جهاز جي ڊيگهه 399.9 ميٽر آهي ۽ ان ۾ 24 هزار 346 ٽي اي يوز جي گنجائش آهي جڏهن ته ان کي الٽرا لارج جهاز چيو وڃي ٿو جيڪو 3 هزار 802 ٽي اي يوز سان ڪراچي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيو.
ترجمان موجب هن جهاز جي آمد ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته ڪراچي پورٽ هاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنٽينر جهازن کي موثر ۽ محفوظ طريقي سان سنڀالڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ موجب اها ترقي بندرگاهه تي هلندڙ انفراسٽرڪچر بهتري، جديد ٽرمينل سهولتن ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ مسلسل واڌ جو نتيجو آهي، جيڪو پاڪستان جي سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪ کي عالمي ميري ٽائيم نيٽ ورڪ ۾ وڌيڪ مضبوط مقام ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.


