توانائي جو شعبو بحران جو شڪار، گردشي قرض 5 هزار 206 ارب رپين جي خطرناڪ حد تائين پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

آءِ ايم ايف جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي توانائي جي شعبي جو مجموعي گردشي قرض 5206 ارب رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب هن سنگين مالي صورتحال ۾ گئس شعبي جو گردشي قرض 3 هزار 442 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته بجلي جي شعبي جي قرضن جو حجم 1 هزار 764 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل تفصيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته توانائي جو شعبو 2026 جي شروعات تائين مالي دٻاءُ هيٺ رهندو.

رپورٽ موجب حڪومت ان گردشي قرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيرف سڌارا ۽ سبسڊي سسٽم کي منطقي بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي عمل ڪري رهي آهي. ان حوالي سان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ سان جاري پروگرام تحت وفاقي حڪومت باقاعده ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ نان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ختم ڪرڻ جو پختو عزم ظاهر ڪيو آهي.

اهڙي طرح پاور سيڪٽر ۾ جمع قرضن کي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي واجبات ۾ تبديل ڪيو ويندو.

حڪومت آءِ ايم ايف کي اصل قرض جي واپسي لاءِ بجلي جي صارفين تي اضافي سرچارج لاڳو ڪرڻ سميت ٻين سخت قدمن جو به يقين ڏياريو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment